راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد تربت روڊ تي آءِ اي ڊيز ڌماڪن ۽ فائرنگ ۾ ملوث هئا.
دهشتگرد گذريل ٽن ڏينهن کان ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هئا، ٽنهي دهشتگردن کي ڳجهن ٺڪاڻن تي ويندي روڪيو ويو، دهشتگردن روڪڻ تي سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني.
بيان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا، انهن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود جو ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي.