فخر زمان پي ايس ايل ۾ وڏو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز جي بيٽر فخر زمان پاڪستان سپر ليگ ۾ وڏو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.

فخر زمان جا پي ايس ايل ۾ 100 ڇڪا مڪمل ٿي ويا آهن ۽ هو ليگ ۾ ڇڪن جي سينچري مڪمل ڪندڙ پهريون بيٽر آهي.

فخر زمان پي ايس ايل 8 جي فائنل ۾ ملتان سلطانز خلاف ڇڪو هڻي ليگ ۾ 100 ڇڪا مڪمل ڪيا.

واضح رهي ته پي ايس ايل ۾ ڪامران اڪمل 89، آصف علي 88 ۽ شين واٽسن 81 ڇڪا هڻي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.