لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ مون کان ڊنل محسوس ٿي رهي آهي ۽ اهو ئي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، منهنجي حياتيءَ کي اڳ کان وڌيڪ خطرا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن گرفتار يا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي ته ان صورت ۾ ردعمل کان خوفزده آهيان، لڳي ٿو ته سخت ردعمل ايندو ۽ اهو ردعمل سڄي پاڪستان ۾ ايندو.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو اهو ڪرڻ چاهين ٿا، اهي صورتحال کي سمجهڻ کان قاصر آهن، بدقسمتي سان جيڪي ماڻهو مون کي گرفتار يا قتل ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، اهي سمجهن نٿا ته پاڪستان هن وقت ڪٿي بيٺو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي 70 کان 75 سالن جي تاريخ ۾ فوج جو ڪردار رهيو آهي پر هاڻ ان ۾ توازن قائم ٿيڻ گهرجي، هاڻ اسان کي توازن قائم ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهو پراڻو سلسلو عمل جهڙو ناهي رهيو.
عمران خان چيو ته جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا پارٽي قيادت ڪندي، منهنجي خلاف 94 ڪيس داخل آهن ۽ منهنجي حياتي کي اڳ کان وڌيڪ خطرا آهن.
تحريڪ انصاف چيئرمين دعويٰ ڪئي ته سياسي مخالف ۽ فوج مون کي هن سال ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ چاهي ٿي.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هاڻ مون کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، ڇو ته مان سڀني ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪري چڪو آهيان.