ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيٺ ٽن سالن جي پريشاني کانپوءِ لڳي ٿو ته ڪورونا هڪ عام فلو جهري وائرس ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن اعلان ڪيو آهي ته هن سال ڪووڊ 19 جو خطرو ان حد تائين گهٽ هوندو جو موسمي انفلوئنزا جيان ٿي ويندو.
دبليو ايڇ او جي ايمرجنسي ڊائريڪٽر مائيڪل ريان ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اسان هاڻي اتي پهتا آهن جتي هاڻي ڪورونا کي موسمي فلو طور ڏسنداسين.
ڪورونا باقي رهندو پر هاڻي اهو صحت جي خطري ۽ حياتيون ڳڙڪائڻ جهڙو نه رهندو.