ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ منظر ۾ هڪ شخص ڏکڻ ترڪيا جي شهر سانليورفا ۾ آيل ٻوڏ ۾ لڙهندي شخص جي وڊيو ڀري رهيو آهي.
ڏکڻ ترڪيا ۾ آيل زلزلي سبب تباهي ۽ پوءِ پاڻي جي وهڪري جي وڊيو منظر عام تي ائي آهي جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي موبائيل فون ڪيمرا سان شهر ۾ آيل ٻوڏ ۽ پاڻي جا منظر ڏيکاري رهيو آهي.
View this post on Instagram
وڊيو ڀرڻ دوران هڪ ٻيو شخص پاڻي ۾ لڙهندو اچي ٿو ۽ متاثر شخص ڪيمرا واري شخص ڏانهن هٿ کڻي مدد طلب ڪري ٿو ۽ پوءِ وڊيو ختم ٿي وڃي ٿي، اها خبر ناهي ته ٻڏڻ وارو بچي سگهيو يا نه.
پر سوشل ميڊيا تي اها وڊيو اچڻ بعد ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي ته وڊيو ڀرڻ واري شخص ٻڏڻ واري جي مدد ڇو نه ڪئي.