ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ کانپوءِ مقامي سطح تي به سون جو اگهه وڌي ويو آهي.
مقامي مارڪيٽ ۾ 4 هزار 100 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 8 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گ رام سون 3516 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 78 هزار 584 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 53 ڊالر واڌ سان 1983 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.