رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ شرهت ڏيڻ بابت قانون ۾ معمولي تبديلي کانپوءِ فيصلي جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.
نئين فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته گهرو وزارت جي تجويز تي وزيراعظم سعودي عرب جي شرهت ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪندو.
گهرو وزارت جي مڪي شريف ريجن طرفان ٽويٽ تي هڪ مختصر بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزير جي ايدوائيس تي وزيراعظم شهريت ڏيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.