شبلي فراز جي طبعيت ناساز، اسپتال منتقل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شبلي فراز جي طبعيت ناساز ٿي وئي.

پي ٽي آءِ جي پڌرائيءَ موجب شبلي فراز کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

پي ٽي آءِ چيو آهي ته ڊاڪٽرن موجب شبلي فراز پوليس جي تشدد سان زخمي ٿيو، جڏهن ته شيلنگ سان سندس ڦڦڙ به متاثر ٿيا آهن.

واضح رهي ته اسلام آباد پوليس شبلي فراز کي حراست ۾ ورتو هو پر عدالتي حڪم تي کيس فوري طور ڇڏيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.