سڄي رات پيادل هلي گهوٽ ڪنوار وٽ پهتو، مثال قائم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اڊيشا ۾ گهوٽ ۽ سندس ڪٽنب جي ماڻهن کي ڪنوار جي رخصتي لاءِ سڄي رات پيادل سفر ڪرڻو پيو.

اهو ان لاءِ ٿيو جو ان ڏينهن سڄي رياست ۾ ڊرائيورن هڙتال ڪئي هئي.

گهوٽ ۽ سندس گهروارا ڪنوار کي وٺي وڃڻ لاءِ 28 ڪلوميٽر پيادل سفر ڪريپهتا.

ڊرائيورن جي هڙتال سبب گهوٽ ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ گاڏي جو بندوبست نه ٿي سگهيو.

هو سناکنڊي ڳوٺ مان خميس تي نڪتا ۽ صبح ديبالا ڳوٺ پهتا جتي شادي جي تقريب ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.