صحت ۽ خوبصورتي جي انيڪ فائدن وارو ميوو ۽ پَنَ

قدرتي طور تي هر ميوي جو پنهنجو الڳ ذائقو ۽ فائدا هوندا آهن انڪري ائين نٿو چئي سگهجي ته ڪو به ميوو فائدن کانسواءِ آهي پر هر ميوي جا پنهنجا الڳ الڳ فائدا هوندا آهن جن جو اسان هتي ذڪر ڪندا رهندا آهيون، اڄ اسان جنهن ميوي جي فائدن جي ڳالهه ڪنداسين اهو آهي ٻير. نه رڳو ٻير پر ٻير جي پنن جا پڻ انيڪ فائدا آهن جن بابت اڄ اسان اوهان کي هتي ٻڌائينداسين.

ٻيرن کي صدين کان وٺي نه رڳو کائڻ پر دوائون ٺاهڻ جي لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، ٻير جا پَن جراثيمن کان بچائڻ جي تمام گهڻا فائديمند هوندا آهن اهو ئي سبب آهي ته موسمي ۽ چمڙي جي بيمارين کان بچڻ جي لاءِ گهڻي قدر گهر جي وڏي عمر واري بزرگن طرفان اهو مشورو ڏنو ويندو آهي ته ٻير جي پنن سان وهنجڻ گهرجي. ٻير جي پنن ۾ اهڙيون خاصيتون موجود آهن جو انهن کي ڪپڙن ۾ وجهي رکجي ته ڪپڙن کي ڪڏهن به جيت نه لڳندو.

نه ٻير جا پَن پر ٻير جي وڻ مان حاصل ٿيندڙ ماکي جا به تمام گهڻا فائدا هوندا آهن، ٻيرن جا ڪيترائي قسم آهن جن جا صحت لاءِ ٿورا گهڻا الڳ الڳ فائدا آهن. ٻير کائڻ سان هاضمي جو نظام بهتر ٿيندو آهي، ساهه جي نالين جون خرابيون ختم ٿينديون آهن، جڏهن ته ٻير کائڻ سان بخار، نزلي ۽ زڪام کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.

ٻيرن ۾ قدرتي طور وٽامنز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جو ججهو مقدار هوندو آهي جڏهن اهو ميوو وٽامن سي سان به ڀرپور هجي ٿو، ٻير کائڻ سان جسم جي بچاءَ وارو نظام به مضبوط ٿيندو آهي ۽ ڪيترين ئي موسمي بيمارين کان حفاظت ملي ٿي.

ٻير جي پنن کي گهوٽي ٿورو پاڻي وجهي چهري تي ملڻ سان چهري جا داغ ڌٻا، کڏا ۽ ماهوڙا ٿوري ئي ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندا آهن.

ٻير ۾ قدرتي طور اهڙا ته فائدا رکيل آهن جو ٻهراڙي جي علائقن ۾ اک ۾ آنڙي نڪرڻ جي لاءِ ٻير جي ست پنن کي اکين جي چوڌاري ابتو ۽ سبتو ڦيرائي ڪنهن ڪنڊي سان ڀِت ۾ ٽنبڻ سان اک جي آنڙي ختم ٿي ويندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.