لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني به 22 مارچ کان بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ ديپڪا پڊوڪون جي بلاڪ بسٽر فلم ”پٺان“ ڏسي سگهندا.
فلم OTP پليٽ فارم Amazon Prime Video تي دستياب هوندي ۽ ان ۾ فلم مان ڊليٽ ڪيل منظر پڻ شامل هوندا.
”پٺان“ جي ڊائريڪٽر سدھارٿ آنند انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ۾ اهي منظر به شامل هوندا جيڪي ٿيٽر رليز دوران ڊليٽ ڪيا ويا هئا.
واضح رهي ته ”پٺاڻ“ رليز ٿيڻ کانپوءِ هندي سئنيما جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي ۽ هن وقت تائين هڪ هزار ڪروڙ کان وڌيڪ ڀارتي بزنس ڪري چڪي آهي.