اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو سوچيندا آهيون ته کيس ضمانت ملي ويندي آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته زمان پارڪ نوگو ايريا بڻيل هو، نوگو ايريا ڪليئر ڪرايو ويو آهي، زمان پارڪ ۾ آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته پوليس جڏهن نوگو ايريا ڪليئر ڪرائڻ وئي ته هٿياربند نه هئي، پوليس تي پٿراءُ ٿيو، پوليس غير هٿياربند ٿي سڄي علائقي کي ڪليئر ڪرايو آهي، جنهن حصي ۾ عمران خان جي گهرواري آهي، اتي پوليس داخل نه ٿي، ايڏي شر باوجود پوليس اڄ به آپريشن بنا هٿيارن جي ڪيو، خيال رکيو ويو ته انساني جانيون ضايع نه ٿين.
سندس چوڻ هو ته سمورن ڪيسن ۾ عمران خان ۽ ان جي ليڊرشپ کي نامزد ڪيو ويندو، جيڪي گرفتار ٿيا آهن، چالان ۾ انهن کي شامل ڪيو ويندو، آءِ جي پنجاب ٻڌائيندو ته اتان ڇا ڇا مليو، عمران خان فتنو آهي ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو.