لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سڀني ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪرڻ باوجود حڪومت مون کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.
پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، اهو واضح ٿي چڪو ته لاهور ۾ ڪيل گهيري جو مقصد هڪ ڪيس ۾ مون کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه پر مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ هو ته جيئن مان پنهنجي چونڊ مهم نه هلائي سگهان.
Meanwhile Punjab police have led an assault on my house in Zaman Park where Bushra Begum is alone. Under what law are they doing this? This is part of London Plan where commitments were made to bring absconder Nawaz Sharif to power as quid pro quo for agreeing to one appointment.
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) March 18, 2023
هن چيو ته پنجاب پوليس زمان پارڪ ۾ منهنجي گهر تي حملو ڪيو آهي، زمان پارڪ جي گهر ۾ بشريٰ بيگم اڪيلي هئي، اهو ڪهڙي قانون تحت ڪيو پيو وڃي؟
سندس چوڻ هو ته اهو لنڊن پلان جو حصو آهي، نواز شريف جو مطالبو آهي ته مون کي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان.