ڊجيٽل آدمشماري تحت هر اسٽرڪچر جي جيو ٽيگنگ ٿيندي، جنهن تحت ڪير ڪٿي رهي ٿو ان جي لوڪيشن انٽرنيٽ ذريعي ٽريس ڪري سگهبي، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي گهرن توڙي ماڻهن جي ڳڻپ جو سمورو رڪارڊ روزاني بنياد تي خودڪار نظام ذريعي محفوظ ڪيو پيو وڃي جيڪو بيورو آف اسٽيٽڪس جي آفيشل ويب سائيٽ ٿي اپلوڊ ڪيو ويندو. هلندڙ آدمشماري تحت گهر گهر پهچندڙ ڳڻپ عملو پنهنجي ٽيبلٽس ۾ سافٽ ويئر ذريعي سوالن جا جواب داخل ڪري رهيو آهي، انهن سوالن جي ذريعي مختلف قسمن جي سروي ڪئي ويندي جنهن ذريعي ماڻهن جي معاشي حالتن کان وٺي ٻي مختلف ڄاڻ گڏ ڪري سهيڙي سگهبي.
سنڌ جي ڳالھه ڪريون ته ڊجيٽل آدم شماري لاءِ ڪراچي سميت سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 43 هزار 838 سينسز بلاڪس قائم ڪيا ويا آهن جن ذريعي روزانو جي عمل کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ سنڌ جون قومپرست جماعتون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊجيٽل آدمشماري تي پنهنجا پنهنجا خدشا ظاهر ڪري چڪيون آهن پر پوءِ به هي عمل تمام گهڻين ڪوتاهين باوجود جاري آهي.
هن عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽن سبب شروع ۾ ته سنڌ ۾ پهرين ئي ڏينهن ڊجيٽل آدمشماري جو عمل رولڙي جو شڪار ٿيو ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ عملي پاران سامان ۽ ٻيا وسيلا نه ملڻ جون شڪايتون سامهون آيون، اڪثر علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ يا گهٽ اسپيڊ ۽ سگنلز جي ڪم نه ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون پر بعد ۾ انتظاميا پاران اهي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪيون ويون آهن. ڪافي هنڌن تي آدمشماري عملي کي مختلف علائقن ۾ وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ نه ملي سگهي ڪٿي. بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي ڇو ته عملي موجب کين خرچ جاپئسا ئي ناهن مليا دادو ۾ وڏو احتجاج ٿيو آھي جڏهن ته ڪافي هنڌن تي وري ڊوائيسز تي سگنل ئي نٿي آيا. بهرحال اهي ته هئا ٽيڪنيڪل مسئلا، اصل مسئلو آهي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارو اهو خدشو آ، جنهن تي سموري سنڌ هن وقت سراپا احتجاج آهي. سنڌ جو هر باشعور فرد توڙي طبقو اها ڳالھه سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان هڪ منظم سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين جون لوڌون آڻڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو ويو نتيجي ۾ سموري سنڌ خاص طور تي ڪراچي ڌارين آبادي سان ڳتيل آهي. ڪراچي ۾ بنگالين، برمين، افغانين کان علاوه خود پاڪستان جي ٻين صوبن جا ماڻهو لکن جي تعداد ۾ رهن ٿا جن کي جيڪڏهن سنڌ جو مستقل رهائشي ڪري ڳڻيو ويندو ته پوءِ سنڌي ماڻهن جون هي دانهون ڪي غلط به ڪونه آهن.
ڊجيٽل آدمشماري وقت کان اڳ ڪرڻ جي پٺيان يقينن پيپلز پارٽي کان وٺي ايم ڪيو ايم تائين سياسي پارٽين جو اهو مطالبو بلڪل درست رهيو آهي ته سنڌ جي اصل آبادي کي لڪائي گهٽ آبادي ان ڪري ڏيکاريو ويو آهي ته جيئن قومي مالياتي ايوارڊ ۾ آبادي جي آڌار تي سنڌ جو حصو کائي سگهجي پر ان ۾ درست طريقي آدمشماري نه ڪرڻ سبب وري به هي تڪراري آدمشماري جاري آھي جنهن تي ٻين پارٽين سان گڏ حڪومتي ڌر جو به اهو ئي مطالبو رهيو آهي ته حقيقي آدمشماري ڪرائي وڃي جنهن ۾ ڪنهن به ڌانڌليءَ جو امڪان نه هجي پر ان لاءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ جي عوامي اعتراضن کي اڳيان رکڻو هو اهو عمل پ پ نه ڪيو مفاد توڙي مصلحتون اڳيان اچي ويون هيون هاڻ اي پي سي ڪرائڻ شرم پرچائڻ جي برابر آھي هن وقت به اها وفاق تي دٻاءُ وڌائي کيس روڪرائي سگهي ٿي.
ڊجيٽل طريقي سان آدمشماري ڪرڻ وارو طريقو ڏٺو وڃي ته وقت جي ضروت به آهي ڇاڪاڻ ته اڄ نه ته سڀاڻي اسان وٽ به سمورا معاملا ڊجيٽل طريقن سان ئي رائج ٿيڻا آهن پر ان حوالي سان جيڪو اعتراض س آهي سا آهي ڳڻپ دوران شناختي ڪارڊ کان سواءِ زباني معلومات جو اندراج. ان طريقي ڪير به گهر جا ڪيترا به ڀاتي لکرائي سگهي ٿو کيس ڪوڙو ثابت ڪرڻ جو ڪو طريقو ناهي. هن ۾ غيرملڪي جو ڪو خانو ناهي، نه ئي صوبائي جو خانو آھي ته ڪير ڪهڙي صوبي جو آھي. ان بابت به ڪا آگاهي ناهي. سنڌ اڳ ۾ ئي لکين ڌارين جي لوڌ کي منهن ڏئي رهي آھي جيڪي ڪٿي به رجسٽرڊ ناهن هي عالمي يتيم خانو بنايو ويو آھي
ان عمل سان يقينن وڏي پئماني تي غير ملڪي ۽ غير قانوني ماڻهن کي پڻ ڳڻپ واري عمل ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن سان ئي سنڌين جو اعتراض شروع ٿئي ٿو. سنڌين جي سڄاڻ حلقن عوام سياسي پارٽين جي اهڙن اعتراضن کان پوءِ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر شاھ ۽ صوبائي سينسز ڪمشنر رفيق ٻرڙو ڊجيٽل آدمشماري جي افتتاح ڪرڻ دوران اهم ڳالهيون ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌين جي خدشن کي نوٽ ڪيو ويو آهي ۽ صوبائي ڪمشنر اھي خدشا وفاقي وزير احسن اقبال آڏو رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هنن دعوي’ ڪئي ته ڳڻپ ۾ شناختي ڪارڊ جي خاني کي شامل ڪيو ويو آھي، سينسز ڪمشنر رفيق ٻرڙو جو چوڻ هيو ته غير قانوني يا قانوني طور رھندڙ پرڏيھين جي ڳڻپ لاءِ ڊجيٽل فارم ۾ الڳ خانو آھي، ڊجيٽل آدمشماري ڪري ڪنهن جي به ڊبل رجسٽريشن نه ٿي سگھندي.
اهي ته ٿيون سرڪار سان لاڳاپيل ڪامورن ۽ وزيرن جون ڳالهيون پر انهن وضاحتن ۾ حقيقت ڪيتري آهي سو هڪ الڳ سوال آهي. انهن تي سخت اعتراض پڻ آھن ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جا اعتراض به وڏي زور شور سان ميڊيا جي زينت بڻيل آهن توڙي جو شروع ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي سڀ کان گهڻو حامي ئي ايم ڪيو ايم هئي پر هاڻي جڏهن آدشماري شروع ٿي چڪي آهي تڏهن وري ايم ڪيو ايم هن عمل جي سڀ کان وڏي مخالف به بڻجي وئي آهي. ايم ڪيو ايم فرمائشي مطالبا ڪندي وقت کان اڳ فيصلو صادر ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي جي آبادي 4 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي، جماعت اسلامي به لڳ ڀڳ اهي ئي ڳالهيون ڪري رهي آھي ويتر وڏيرن جي نالي ۾ سنڌ جي گادي واري شھر تي سنڌ جي اقتدار اعلي کي طريقي سان چئلينج ڪري رهي آھي جيڪڏهن ڪراچي جي آبادي کي سوا چار ڪروڙ کان گھٽ ڳڻيو ويو ته آدمشماري قبول نه ڪنداسين. ياد رهي ته ڊجيٽل آدمشماري ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي ئي ٿي رهي آهي پر هاڻي ايم ڪيو ايم وري پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا نادرشاهي فيصلا به مڙهي رهي آهي جنهن ڪري سنڌين جي اعتراضن ۾ اڃان به وڌيڪ وزن اچي ويو آهي.
هن وقت ايس يو پي جو سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ هلندڙ آهي جنهن ۾ هو مهانگائي، بيروزگاري ۽ سنڌ دشمن منصوبن سان گڏ ڊجيٽل آدم شماري بابت سنڌين جي اعتراضن وارا مطالبا به ورجائي رهيا آهن. قومي عوامي پارٽي پاران پڻ جمعي واري ڏينهن سموري سنڌ ۾ ڊجيٽل آدم شماري خلاف احتجاج ڪيا ويا سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پڻ ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڊگهي احتجاجي ڪئمپ قائم آهي، قومي عوامي تحريڪ احتجاج ۾ آھي عوامي تحريڪ جي ڪراچي حيدرآباد اي پي سي ان کي رد ڪري چڪي آھي اهو ئي نه پر سنڌ جي هر مڪتب فڪر جو ماڻهو ڊجيٽل آدم شماري بابت پنهنجن خدشن جو اظهار ڪري رهيو آهي پر وفاقي سرڪار ان حوالي سان ڪوبه قدم نٿي کڻي ۽ سمورن اعتراضن توڙي احتجاجن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.
وقت کان اڳ ٿيندڙ آدمشماري بابت سڄاڻ ڌريون اهو سوال به اٿارين ٿيون ته هڪ طرف ملڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ته ٻئي طرف وري وقت کان اڳ اربين رپيا خرچ ڪري آدم شماري ڪرائڻ پٺيان آخر حڪومت جا ڪهڙا مفاد لڪل آهن؟ ملڪ جي معاشي صورتحال ته دنيا آڏو آهي جيڪا سڌرڻ بدران هر گذرندڙ لمحي سان گڏ بد کان بدتر ٿيندي وڃي.
افسوس ان ڳالھه جو آهي ته ايڏي خطرناڪ معاشي صورتحال ۾ اربين رپين جي خرچ سان ٿيندڙ ڊجيٽل آدم شماري کي هٿ وٺي تڪراري بڻايو ويو آهي. هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته سنڌ جي ماڻهن جا اعتراض چڱي نموني ٻڌي انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها پر ايئن ٿيو ڪونه. اهو ئي نه پر پيپلز پارٽي پاران پڻ ان معاملي تي خاص تحرڪ ناهي ورتو ويو جنهن سبب سنڌ جي ماڻهن ۾ بيچيني آهي. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي نظر انداز ڪري ڊجيٽل آدمشماري ذريعي پنهنجي پسند جا نتيجا حاصل ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي جي ڪوشش ڪئي وئي ته يقينن سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پ پ لاءِ پڻ موجود محبت ويتر گهٽجي ويندي. ڊجيٽل آدمشماري تي اي پي سي به ان نفرت کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش آھي .هن وقت به جيڪڏھن هيءَ تڪراري آدمشماري جاري رهي ته سنڌ جو عوام هن کي تسليم نه ڪندو آخري اطلاعن تائين عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو سرڪار طرفان سڏايل اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪري چڪا آھن