عمران خان جو خوف

محمد حنيف

ٻڌو هو ته هٿن سان ڏنل ڳنڍيون ڏندن سان کولڻيون پونديون آھن،ھيڏانھن ڪجھھ اهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي جو جيڪڏهن ڏند چڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪبي تھ ڏند ئي ڀڄي پوندا، ھونئن بھ ڳنڍين کولڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، رسي ئي ساڙي ٿا ڇڏيون، عمران خان جي محبت ۽ عمران خان جو خوف، اسان جي ملڪ کي ھڪ اونداهي کاھي جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي.کاھي ۾ ڏسون ٿا ته  75 سالن کان اسان جي حڪمرانن جا ڪارا ڪرتوت گھورين ٿا.

حڪومت پراڻي ڪشڪول کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري، ٻيهر آءِ ايم ايف جي دروازي کي ڪيتري وقت کان کڙڪائي رهي آهي ۽ اندران، بابا معاف ڪريو، جو جواب سڄي دنيا کي نشر ڪيو پيو وڃي.ڪروڙين ماڻھو تن ۽ جان جو رشتو قائم رکڻ جي ڀڄ ڊڪ ۾ مصروف هئا. اڌ ليٽر پيٽرول وجھرائي بائيڪ ذريعي گھٽ ۾گھٽ آفيس پهچي سگھجي، ٻارن کي خانگي اسڪولن مان ڪڍي ڪري مدرسن ۾ موڪليو وڃي.

رمضان اچڻ وارو آهي، گهٽ ۾ گهٽ مهيني جو راشن ئي گڏ ڪري وٺجي، ايندڙ مهيني جي مسواڙ ۾ دير ٿيڻ تي گھر جي مالڪ اڳيان ڪھڙو عذر ڏيڻو آھي، جو  هو گهر جو سامان ٻاهر نه اڇلائي؟ ماڻهو اڃان ان روزمرھ جي جھاد ۾ رڌل ھئا جو اسان کي معلوم ٿيو ته اسان جو اصل مسئلو ، اھو آهي ته اليڪشن ڪرائڻي آهي يا نه ۽ جيڪڏهن ڪرائڻي ئي پئجي وڃي ته پوءِ عمران خان کي ڪيئن ٻاهر رکڻو آهي ۽ ٻاهر رکڻ  جي لاءِ ھن کي پهرين اندر ڪيئن ڪرڻو آھي؟ .

جنهن ڏينهن کان عمران خان جي حڪومت وئي آهي ھن جي مخالفن جي هڪ ئي خواهش آهي ته عمران خان کي سبق سيکاريو وڃي. اهي جمهوريت پسند ماڻهو به جيڪي هر وقت بنيادي انساني حقن ۽ راءِ جي اظھار جو سبق ڏيندا رھندا آھن،اهي به ڇاتي تي ھٿ ھڻي چون ٿا، اليڪشن ٿيندي رھندي،عمران خان کي ٽنگاٽولي ڪري پوليس جي ڊالي ۾ وجھو،ڪنھن جيل ۾ رکو،ڪيس گھڻا ئي آھن،ڪنھن ھڪ ۾ سزا ڏياري ڇڏيو ۽ پوءِ جيل جي دروازي کي لڳل تالي جي چاٻي سمنڊ ۾اڇلائي ڇڏيو.

۽ ان کانپوءِ اليڪشن اليڪشن کيڏو۽ ايئن ان ڪري ڪريو ڇو ته اسان کي پتو آھي ته ايئن هن کان اڳ ٻين ليڊرن سان بھ ٿي چڪو آھي.اسان جا انٽيليجنس ادارا، اسان جي عدليه، اسان جي اشرافيا، قانون جي نڪ ڀڃڻ،جمهوريت کي ڪن کان وٺي پنهنجي رستي تي  هلائڻ جو وڏو تجربو رکن ٿا.تھ پوءِ ھاڻي ڇو نٿا ڪن.

رياست جون ڪوششون جاري آهن. ھڪ نئون نسل سکي رهيو آهي ته ڳوڙها گيس کان پوءِ ڪهڙا ڳوڙها نڪرندا آهن، انهن کي ڪيئن روڪڻو آھي، پوليس سکي رھي آهي ته پوئتي ڪيئن هٽڻو آهي، عدالتون سکي رهيون آهن ته صبح، منجهند، شام، رات هڪ ئي ماڻهوءَ بابت ڪيترا فيصلا لکڻا آھن .

۽ جيئن ته اسان کي ڪا خبر ناهي ته اسان جي پراڻي فوج جي نئين ڪمان ڇا سوچي رهي آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو تھ سوچي رهي ھوندي تھ يا خدا، هي ڪنهن سان پيار ڪري ويٺاسين، هاڻي هن عشق لاحاصل جو انجام ڪھڙو ٿيندو ؟ اڪستاني فوج جي ڪمانڊ بي شڪ نئين هجي پر سندن پيار جا طريقا پراڻا آهن.انهن کي معلوم آهي ته ملڪ ۾ هر وقت سيٺن، سياستدانن ۽ ججن جي ھڪ پود موجود ھوندي آھي. جيڪا ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ذلت کڻڻ ۽ مال بنائڻ لاءِ ھميشھ تيار هوندي آهن (صحافين جو ذڪر ان ڪري نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو اهي نھ تھ حڪومتون ٺاهين ٿا ۽ نھ ئي وري ڊاھين ٿا رڳو واٺن جي بھ وا ٺن جو ڪم ڪندا آھن).

انھن کي ڳولڻو بھ نھ پوندو آھي،پر هاڻي عمران خان 75 سالن کان  ڪمايل فوج جي محبت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ان جو مورال ڪري چڪو آهي.

جيڪڏھن توھان جي ھٿ ۾ بندوق ھجي ته ، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته بندوق جي نالي جي اڳيان بيٺل ماڻھو بندوق جي ڪري توھان جي تابع آھي يا دل سان اوھانکي  پاڻ کان بھتر سمجھي ٿو، پر جيڪڏھن جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي، ان کي ئي شڪ  پئجي وڃي تھ بندوق جو نشانو ڪيڏانھن ھئڻ گھرجي،تھ پوءِ نھ بندوق ڪنھن ڪم جي نھ ئي بندوق وارو ڪنھن ڪم جو .

اسان جي عمران خان کي فاشسٽ، چريو، بيوقوف سمجھڻ وارا ڪيترو به شور مچائين، عمران خان پاڪستان جي دل ۾ لڳل ھڪ ڳنڊ آھي، جيستائين اهو بحث مباحثن، ووٽن،ھلڪڙي نوڪ جھوڪ سان،جنجھلائٽ سان کلي نھ ويندي پاڪستان جي شريانين ۾ وھندڙ رت گهٽجندو رھندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.