سنڌ مارچ قافلي کي ڪراچي اچڻ تي ڀليڪار

پروفيسر گل محمد سومرو

ماضي ھجي يا حال تاريخ ان حقيقت جو کليل ثبوت آھي ته سنڌ جي سر زمين تي ھر دور ۾ ڌارين ڪاھون ڪيون آھن ۽ ھن سونھاري سر زمين کي تباھ ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي. پر ھر دور ۾ دشمنن کي منھن توڙ جواب ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سورمن به مرڻ گھڙيءَ تائين مقابلو ڪري سنڌ کي ھر دور ۾ واڳن کان بچائيندي اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. اھا اسان سنڌ واسين جي ثقافت جي مطابق قابل فخر رسم آھي ته اسين مھمان نوازيءَ ۾ ڏيھه توڙي پرڏيهھ ۾ مقبول آھيون، اسين سنڌ واسي مھمانن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي پنھنجي ثقافت تي فخر محسوس ڪندا آھيون.

قيام پاڪستان کان وٺي ھن وقت تائين اسان سنڌ واسين ڪيترن ئي ڌارين کي مھمان نوازيءَ طور جيءَ ۾ جاءِ ڏني پر اسين ان حقيقت کان بلڪل اڻ واقف ھئا سين ته مستقبل ۾ انھن ۾ ڪيترا ئي واسينگ نانگ به اسان کي پالڻا پوندا. ھن وقت سنڌ جي سر زمين تي ۽ سنڌ جي حقيقي مالڪن تي ھر پاسي کان ۽ طرح طرح سان وار ڪيا پيا وڃن، پر ھن سونھاري سر زمين لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي سر زمين آھي، ھن ڌرتيءَ لاءِ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي وقف ڪري ڇڏي، ھن وطن لاءِ ھوشو شيدي، ھيمو ڪالاڻي، شاھ عنايت شھيد ۽ ٻين ڪيترن ئي سورمن پنھنجون جانيون قربان ڪري وطن خاطر شھادت جو جام پيئڻ پسند ڪيو. اڄ به سنڌ جي سر زمين لاءِ ڪيترا ئي سورما ۽ سپوت جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ جو جذبو رکن ٿا. انھن ۾ سائين زين شاھ جو نالو پنھنجو مٽ پاڻ آھي.

ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت دوران مھانگائيءَ جي خاتمي جو ھميشه جيان عوام کي ھڪ سھڻو خواب ڏيکاري ملڪ جي باقي سياستدانن ھڪ اتحاد جوڙي ڪوششون ڪري عمران خان جي حڪومت جو نيٺ خاتمو آندو ۽ ملڪ مٿان اتحادي حڪومت قائم ڪئي. ويچار ڪجي ته اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ نه رڳو مھانگائيءَ جو طوفان برپا ٿيو آھي پر ھر طرح سان ملڪ ۾، خاص طور تي سنڌ ۾ مھانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، بد امني، نا انصافي ۽ ھٿ ٺوڪي تباھي پيدا ڪئي وئي آھي. ھن اتحادي حڪومت جي وقت ۾ يا سنڌ تي 14 سالن کان پيپلن جي حڪومت دوران سنڌ ۾ ھر پاسي کان ڏڪار پيدا ڪيو ويو آھي. سنڌ جي حڪمرانن پنھنجي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ ۾ افغانين کي اچڻ جي حام ڀري، سنڌ ۾ ھٿ سان برساتن دوران ٻوڏ آڻي سنڌ جي ھڪ ڪروڙ کان وڌ ڳوٺاڻن کي در بدر ڪرڻ سان گڏ معاشي سطح تي تباھ ۽ بي گھر ڪيو ويو جيڪي ھن وقت تائين پريشان حال زندگي گھاري رھيا آھن، ھنن حڪمرانن ڌارين کي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ جا جعلي ڊوميسائل ٺاھي ڏنا ۽ ان سان گڏ وڏن عھدن تي فائز ڪيو. ان کان سواءِ پاڻيءَ جي کوٽ، اٽي جو بحران، بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ، گئس جي لوڊ شيڊنگ، سبزين، کنڊ، کير ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ بي انتھا واڌ، سنڌ ۾ انھن پندرھن سالن ۾ تعليم جي تباھي، بد امني، بيروزگاري ۽ نا انصافيءَ ڪارڻ سنڌ جو عام شھري خد ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آھي.

سنڌ حڪومت اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ دشمن سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم سان اھڙا معاھدا طئي ڪيا جن سبب سنڌ جا حقيقي وارث مڪمل طور تباھي ۽ برباديءَ سان گڏ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. جنھن جو وڏي ۾ وڏو ثبوت وقت کان اڳ ٿيندڙ آدم شماري آھي آئين موجب آدم شماري ملڪ ۾ ھر ڏھن سالن کان پوءِ ٿيندي آھي، پر ھن وقت حڪمران ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن پاليسين کي پاڻي ڏيندي آدم شماري پنجن سالن کان پوءِ اھا به ڊجيٽل طريقي سان ڪرائي رھيا آھن، جنھن سان سنڌ جي وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي وحدت تي وار ڪري پنھنجي پراڻن ناپاڪ ارادن موجب سنڌ کي ٻن صوبن ۾ تقسيم ڪري ساھ کڻندا.

اھڙي صورت حال ۾ سنڌ جي حقيقي وارثن کي ھڪ مخلص، بيباڪ، ھمدرد، سنڌ جي سر زمين ۽ مارونئڙن لاءِ جان قربان ڪرڻ وارو جذبو رکندڙ سائين زين شاھ حڪومت جي ناپاڪ ارادن کي للڪاريندي ۽ انھن پليد ارادن کي ناڪام بنائڻ خاطر پنھنجي صحت ۽ زندگيءَ جي پرواھ نه ڪندي سکر کان ڪراچيءَ تائين سنڌ واسين سان گڏ پيرين پنڌ مارچ جو عملي طور آغاز ڪيو. سکر کان پيرين پنڌ نڪرندڙ سنڌ جي حقيقي وارثن جو قافلو سائين زين شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ سمنڊ جي ڇولين جيان گجگوڙ ڪندو پاڻيءَ واري سمنڊ طرف يعني ڪراچي ۾ پھچي چڪو آھي. اسان سنڌ جي حقيقي وارثن جو اخلاقي فرض ۽ ذميواري آھي ته سائين زين شاھ ۽ ان قافلي جو ڀرپور انداز ۾ دل جي گھراين سان استقبال ڪيون. سائين زين شاھ جيڪو قدم کنيو آھي اھو سنڌ ۽ سنڌ جي حقيقي وارثن جي حقن جي لاءِ کنيو آھي، ان ۾ اسان سڀني کي گھرجي ته اسين سنڌ واسي سائين زين شاھ جي قدم سان قدم ملائي گڏ ھلون پوءِ جيڪي به قربانيون ڏيڻيون پون اھي قربانيون ڏئي پنھنجا حق حاصل ڪريون نه رڳو پنھنجي حقن لاءِ بلڪه ان جدوجھد سان اسان جا نسل به خوشحال ۽ غلاميءَ کان آزاد زندگي گذاريندا. ان لاءِ اسين 19 مارچ واري ڏينھن سائين زين جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل قافلي کي ڪراچي پھچڻ تي نيڻ وڇائي دل جي گھراين سان، سچائي ۽ خلوص سان، پيار ۽ محبت جي سائي ۾، سنڌين واري مھمان نوازيءَ واري ثقافتي انداز ۾ استقبال ڪري دنيا کي ٻڌايون ته سنڌي پنھنجو حق حاصل ڪرڻ ڄاڻين ٿا، سنڌين ۾ اتحاد واقعي قائم آھي ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي ناڪام نه ٿي بڻائي سگھي.

اھا حقيقت آھي ته دنيا جون اھي ئي قومون ترقي ماڻي سگھنديون آھن جن جا اڳواڻ انھن قومن سان مخلص، وفادار ۽ سچا ھجن. اسان جي لاءِ اھا وڏي خوش قسمتي آھي جو سائين زين شاھ جھڙو مخلص، سچو، بيباڪ، ھمدرد، سنڌ ڌرتي ۽ مارونئڙن لاءِ سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ وارو جذبو رکندڙ شخص اسان جو اڳواڻ آھي اسان کي اھڙي عظيم شخصيت جي نگرانيءَ ۾ جدوجھد ڪري سنڌ جي سر زمين کي خوشحال ۽ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کان پاڪ سر زمين بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اچو ته سائين زين شاھ جي قافلي جو تاريخي استقبال ڪري اتحاد جو اھڙو اعليٰ مثال قائم ڪريون جو دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.