ڪجھھ ڏينھن کان چين ملڪ جو وڌندڙ عالمي ڪردار دنيا جي ميڊيا تي ڇانيل آھي،تازو چين جو صدر شي جن پنگ ملڪ جو ھڪ ڀيرو ٻيھر صدر چونڊيو آھي،جنھن بعد چين نار ۾ ايران ۽ سعودي عرب کي گڏ ويھارڻ ۽ سرچاءُ ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آھي،جنھن کي چين جي وڌندڙ سياسي اثر قرار ڏنو پيو وڃي.
ٻئي پاسي ملڪ تي صدر جي گرفت جي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جون ڳالھيون پڻ سڌ سماءَ جي ذريعن جون زينت بڻجي رھيون آھن،تازو صدر جو بااعتماد ساٿي لي ڪيانگ ملڪ جي وزارت اعظميٰ وارو عھدي سنڀالي ورتو آھي،جنھن سان سمجھيو ٿو وڃي تھ ملڪ جي اعلي قيادت تي شي جن پنگ جو اثر اڃان پڻ وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو.
63 سالن جي لي ڪيانگ کي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ 2,900 کان وڌيڪ نمائندن مان لڳ ڀڳ سڀ ووٽ مليا، جنھن کي رڳو ھڪ ڏينهن اڳ شي جن پنگ کي نائبن پاران متفقه طور تي ٽئين مدي لاءِ صدر چونڊيو ويو هو.هال ۾ لڳل اليڪٽرڪ اسڪرين تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب لي ڪيانگ جي حق ۾ 2 هزار 936 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جڏهن ته سندس مقرري جي خلاف رڳو ٽن نمائندن ووٽ ڏنو ۽ 8 غير حاضر رهيا.ووٽنگ کان پوءِ لي ڪيانگ چيني وزيراعظم جي حيثيت سان عهدي جو حلف کنيو ۽ چين جي آئين سان وفاداري ۽ ‘خوشحال، مضبوط، جمهوري، تهذيبي، هم آهنگي ۽ عظيم جديد سوشلسٽ ملڪ جي تعمير واسطي پنھنجي جدوجھد جاري رکڻ جي عزم جو اظھار ڪيو.شنگھائي تازي ڪورونا واري لاڪ ڊائون کانپوءِ گھڻو متاثر ٿيو ھو،شھرين کي سخت ترين لاڪ ڊائون دوران خوراڪ ۽ طبي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ اختيارين کي وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي پئي ھئي.
گذريل سال واري سياري جي موسم ۾ صدر شي جن پنگ جي زيرو ڪووڊ پاليسي جي مخالفت ٿي ھئي.ان ھوندي بھ سندس شھرت کي ھو سنڀالڻ ۾ ڪامياب رھيو. اڳوڻي وزيراعظمن جي ابتڙ ھاڻوڪي وزيراعظم بڻجندڙ لي ڪيانگ کي مرڪزي حڪومت جي سطح تي ڪم ڪرڻ جو ڪو ڪو تجربو ناهي.
هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پنهنجي اباڻي شهر جي ويجهو آبپاشي پمپ اسٽيشن ورڪر جي حيثيت سان ڪئي، مقامي حڪومتي عهدن ذريعي لاڳيتو وڌيو ۽ 2012 ۾ جيانگ صوبي ۾ اعليٰ ترين عهدي تي ترقي حاصل ڪئي.هو 2000 جي شروعات ۾ شي جن پنگ جو چيف آف اسٽاف آفيسر هو، 2017 ۾لي ڪيانگ شنگھائي جو پارٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو،جنھن مان اھو اشارو ميلو ھو تھ صدر جو مٿس وڏو اعتماد آھي.ھو وزير اعظم جي حيثيت سان چين جي ڪابينا، اسٽيٽ ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت ۾ ملڪ جي روزمرهه جي معاملن کي هلائڻ سان گڏوگڏ ميڪرو اقتصادي پاليسي جو پڻ ذميوار هوندو.
اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ گذريل هفتي 2023 لاءِ ”تقريبن 5 سيڪڙو“ جي ترقي جو هدف مقرر ڪيو ھو،جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سڀ کان گھٽ ھدف آهي، جيئن دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي معيشت، سخت ڏکيائن جو مقابلو ڪري رھي آھي.چيني معيشت گذريل سال صرف ٽي سيڪڙو وڌي وئي، ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ اھا انتھائي گھٽ ھئي، ڇاڪاڻ جو چين ڪووڊ وبا، لاڪ ڊائون ۽ ريئل اسٽيٽ جھڙن بحرانن کي منھن ڏنو ھو.چين جي هائوسنگ مارڪيٽ جو،جي ڊي پي ۾ ڪل پيداوار ۾ پنجويھھ سيڪڙو آھي، پر اھو شعبو ويجھڙائي ۾ گھڻو متاثر ٿيو آھي.