ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني بجيٽ تي ڳالهائڻ لاءِ وڏي وزير کي دعوت ڏني ته پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ڳالهائڻ جي اجازت گهري، اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ويا، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته رمضان مبارڪ اچي پيو، سڀ ملي ڪري دعا ڪيون ته جيڪي ماڻهو پاڪستان خلاف آهن ۽ ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿا انهن مان قوم کي ڇوٽڪارو ملي.