اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 45 ڏهائي 64 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي، جڏهن ته 28 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي.وفاقي شماريات واري اداري جي تازي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 0.96 سيڪڙو وڌي وئي آهي، جنهن ۾ ساليانو واڌ ٿي آهي. مهانگائي جي شرح 45 ڏهائي 64 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي، شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر به جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب هڪ هفتي دوران 28 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 45.64 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي. هڪ هفتي دوران ٽماٽي جي اگهه ۾ 9 رپيا، چانهه جي 190 گرام جي پاڪيٽ جي قيمت ۾ 40 رپيا، پٽاٽا 3 رپيا، کنڊ 3 رپيا ۽ اٽي جي 20 ڪلو قيمت ۾ واڌ ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته هڪ هفتي دوران برانڊڊ ڪوڪنگ آئل جو 5 ڪلو دٻو 40 رپيا مهانگو ٿي ويو. ڪيلن جي في درجن قيمت ۾ 7 رپيا واڌ ٿي جڏهن ته لوڻ، ڳڙ، باسمتي چانور ۽ کير به مهانگي ٿيل شين ۾ شامل آهن. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران 11 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 12 شين جا اگهه مستحڪم رهيا. هلندڙ سال لاءِ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ساليانو بنيادن تي 43 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ مهانگائي جي شرح 42 ڏهائي 27 سيڪڙو جي سطح تي آهي، شماريات واري اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي جي ڀيٽ ۾ مهانگائي جي شرح 43 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. 29 شيون وڌيڪ وڌي ويون آهن.