پيادل مارچ ملير پهچي ويو، سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي لاءِ جدوجهد جو وچن

ملير(ڊ ر) تڪراري ڊجيٽل آدم شماري، وسيلن جي ڦرلٽ، بدامني، ڪرپشن، مهانگائي خلاف ۽ سنڌ جي بحالي لاءِ 15 فئبروري تي سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل  ايس يو پي جو پيادل مارچ روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور ۽ جڳديش آهوجا جي اڳواڻي ۾ڪالهه 31 هين ڏينهن ملير پهچي ويو.قافلو ڌاٻيجي کان گهگهر ڦاٽڪ تي پهتو ته سياسي، سماجي تنظيمن،  قومپرستن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن آجيان ڪئي. قافلي کي گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان جي ڀاءَ جي ايم قريشي، اشرف ڪلهوڙو، جي ايم سيال، مختيار سومرو، جيئي سنڌ محاذ جي علي نواز ٻٽ، ملير بچايو اتحاد جي خدا ڏنو شاهه، قومپرست اڳواڻ ادريس چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جي اياز چانڊيو، جان محمد جاني، اياز قيصراڻي، کوسا، ٻرڙا ۽ ڪلمتي، قبيلن سميت ٻوڏ متاثرن جي وڏي انگ آڌر ڀاءَ ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي ماڻهن جي بقا سلامتي لاءِ جدوجهد جو وچن ورجائيندي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾چيو ته ڊجيٽل آدم شماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي، سنڌ جي عوام کي اها سازش ناڪام بڻائڻ گهرجي.هنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني، مهانگائي، بيروزگاري ۽ خراب حڪمراني خلاف دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ اسان سکر کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪيو آهي.هنن چيو ته هڪ طرف سنڌ کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي هٿ سان بدامني پيدا ڪري ڌاڙيل فيڪٽر کي هٿي ڏني وئي آهي ته ٻئي طرف خراب حڪمراني، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب خوشحال سنڌ جا مسڪين ماڻهو غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ حڪمران سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ لڳل آهن، هنن چيو ته پيادل مارچ جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تاريخي استقبال ڏسي اسان کي يقين آهي ته سنڌ جو ماڻهو هاڻ تبديلي چاهي ٿو ۽ سنڌ لٽيندڙ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو.هنن چيو ته 19 مارچ تي زين شاهه جي اڳواڻي ۾ لکين سنڌي ريفرنڊم ڏيندا ۽ ثابت ڪندا ته سنڌ فقط سنڌ دوستن سان گڏ آهي.سنڌ مارچ جو قافلو رات ملير جوڳي موڙ تي رهڻ بعد اڄ اڳئين منزل طرف روانو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.