ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن اورنگي، سرجاڻي، نارٿ ڪراچي، گلشن معمار، ماڊل ڪالوني، پورٽ قاسم، پپري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئي. سرجاڻي ۽ ماڊل ٽائون ۾ ڳڙي سان تيز برسات پئي.هوڏانهن گهگهر ڦاٽڪ، ڌاٻيجي، گهارو، ڀنڀور ۽ ساڪرو ۾ به هلڪي برسات پئي جڏهن ته ڏهرڪي ۾ گجگوڙ سان تيز برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب ٻنيءَ تي پاڻي جي واري لاءِ ويل ڳوٺ ڪٽا ميراڻي واسي گل نواز عرف دودو ميراڻي سڙي فوت ٿي ويو.هوڏانهن ڏهرڪي شهر جي وڏي آبادي واري علائقي ليبر ڪالوني جي هڪ بند پيل ڪوارٽر مٿان پڻ وڄ ڪري پئي جنهن سبب ڪواٽر جي ڇت کي نقصان پهتو پر پر ڪواٽر خالي هئڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.