ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته احتساب جي ڳالهه سڀ ڪندا آهن پر نظام جي تبديلي لاءِ ڪير به سنجيده ناهي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته الزام لڳائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو پر ڪيس نه هلائڻ به ناانصافي آهي، نيب جي نئين چيئرمين کي چيو آهي ته سياستدانن جا ڪيس الڳ ڪيا وڃن.هن چيو ته اسحاق ڊار کي ايٽمي اثاثن بابت بيان ان ڪميرا اجلاس ذريعي ڏيڻ گهرجي.شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ملڪ جي مفاد ۾ سڀني جي ذميواري آهي، ڪهڙي ڳالهه ڪمپرومائيز تحت پارليمنٽ کي ٻڌائڻ گهرجي.هن چيو عمران خان کي سياست ڪرڻ لاءِ لاشن جي ضرورت آهي، بزدلن جيان گهر ۾ ويهڻ بجاءِ گرفتاري ڏي ته ضمانت ملي ويندي، عمران جا وارنٽ حڪومت ۽ نيب نه عدالتن جاري جاري ڪيا آهن، ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم قانون جي پرواهه نه ڪندو ته ڪير ڪندو.شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ صوبي جي پوليس بنا اجازت جي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. هن جو چوڻ هو سياسي ليڊر جيل ۾ به ويندا آهن ۽ حالتن جو مقابلو به ڪندا آهن.شاهد خاقان عباسي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ري اميجنگ جو مقصد هڪ پليٽ فارم آهي، جيڪو اقتدار نه پر معاملن جو حل چاهي ٿو.هن چيو ته نوجوانن اندر اعتماد پيدا ڪري مايوسي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته هن وقت پارلمينٽ مفلوج آهي، 5سال ٿي ويا آهن، ملڪي معاملن تي ڳالهه ٻولهه نه پئي ڪئي وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته پئٽرول جي قيمتن سان حڪومت جو تعلق نه هوندو آهي، ڊي جي اوگرا طئي ڪندو آهي، اسان نوازشريف کي سياست کان الگ ڪري ڇڏيو آهي. توشا خانا جي سوال تي جواب ڏيندي اڳوڻي وريراعظم چيو ته پرڏيهي تحفا ماڻهن کي نه رياست کي ملندا آهن پر حڪومت هڪ طريقو طئي ڪيو آهي، جنهن موجب پئسا جمع ڪرائي تحفا وٺي سگهجي ٿا.