سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊون 18 اپريل تي، 20 مارچ کان فارم جمع ٿيندا

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊون 18 اپريل تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ 20 کان 22 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته ڇنڊ ڇاڻ 25 کان 28 مارچ تائين ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب اعتراض 29 کان 31 مارچ تائين داخل ڪرائي سگهبا، اعتراضن تي اپيلون پهرين کان 4 اپريل تائين ٻڌي سگهبيون، نظرثاني ٿيل لسٽون 5 اپريل تي لڳايون وينديون. اليڪشن ڪميشن ترجمان ٻڌايو ته نامزدگي ڪاغذ 6 اپريل تائين واپس وٺي سگهبا، اميدوارن کي چونڊ نشان 7 اپريل تي جاري ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب 18 اپريل تي پولنگ ٿيندي، جڏهن ته نتيجا 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.