لانڍي پوليس کي ارسلان تاج کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايم پي اي راجه اظهر جي گرفتاري کان اڳ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي  دوران عدالت 20 هزار جي مچلڪن جي عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي 7 ڏينهن ۾ ٽرائل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لانڍي ٿاڻي تي چڙڏيايندڙ ۽ رياستي ادارن خلاف تقرير ڪيس ۾ ارسلان تاج ۽ راجا اظهر جوابدار نامزد آهن.ٻئي طرف دهشتگردي ٽوڙ عدالت لانڍي پوليس کي ارسلان تاج کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ارسلان تاج خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.لانڍي پوليس ارسلان تاج کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن بعد اي ٽي سي ڪورٽ لانڍي پوليس کي جوابدار ارسلان تاج کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.پوليس موجب جوابدار ارسلان تاج خلاف لانڍي ٿاڻي ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ جي اجازت ڏني پئي وڃي.واضح رهي ته ارسلان تاج ڊي سي ڪياماڙي جي آفيس تي حملي ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.