ڪراچي: پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي 900 ننڍين وڏين اسڪيمن تي ڪم هلي پيو، ڊفينس، ڪلفٽن سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي پهچ ۽ ترقياتي ڪمن بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏني ويندي، سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته کپرو بس اسٽنيڊ جي اسڪيم 2023 جون تائين مڪمل ٿي ويندي، جنهن تي 79 ملين خرچ ٿيندو، هن چيو ته مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي 750 آر او پلانٽن مان 340 آر او پلانٽ هلن پيا،ان اسڪيم تي حڪومت جا 5 ارب 24 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن، ڄامشوري ۽ ڪراچي ۾ به عوام کي انهن پلانٽن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. 03