ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ اچي هڪ پورهيت گهر جي سڀني ڀاتين کي زهر پياري پاڻ به آپگهات جي ڪوشس ڪئي.ٻن ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب سرجاڻي ٽائون سيڪٽر 10 ۾پورهيت اظهر پهرين پنهنجي زال 35 ورهين جي فاطمه ۽ پوءِ نياڻين 2 ورهين جي ايمن ۽ 4 ورهين جي ام هانيا کي زهر ڏئي ڇڏيو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 4 ورهين جي ٻارڙي ام هانيا زندگي جي جنگ هارائي وئي جڏهن ته عورت جي حالڪت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.پاڙيسرين ٻڌايو ته اظهر فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، جتان کيس بي دخل ڪيو ويو جڏهن ته متاثر خاندان مسواڙ جي گهر ۾ رهندو آهي.