ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. اي پي سي ۾ مختلف پارٽين جي طرفان شرڪت ڪئي.
آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيپلزپارٽي جو موقف هو ته سڀني جا خدشا ٻڌڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اڳيان ڊجيٽل آدمشماري بابت خدشا رکيا ويندا جيڪي کيس حل ڪرڻا آهن.
اي پي سي مختلف پارٽين جي اڳواڻن اي پي سي ۾ خدشن جو اظهار ڪيو.
مختلف پارٽين جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ سدائين فراڊ جي بنيادن تي آدمشماري ٿي آهي هن وقت ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري لکين گهر ڊٿل آهن ۽ ڪروڙين متاثر بنا اجهن جي دربدر آهن اهڙي صورتحال ۾ انهن کي ڳڻڻ ممڪن ناهي.