دنيا جون دنگ ڪندڙ اميراڻيون موبائيل فونز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام طور تي موبائيل خريد ڪندي وقت هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي آهي ته اهڙي فون وٺجي جيڪا کيسي تي بار نه هجي، ان بابت رپورٽون اينديون رهنديون آهن ۽ انٽرنيٽ تي به تفصيل ملندا آهن پر ڪجهه موبائل فونز اهڙيون به آهن جن کي خريد ڪندڙن جي خواهش هوندي آهي ته ڪاش هي اڃان وڌيڪ مهانگيون هجن ها ۽ اڄ اهڙن ئي اميرزادن لاءِ ٺاهيل فونز جي ڳالهه ڪريون ٿا.

اهڙيون بيش بها ۽ شاهاڻيون فونز آهن جيڪي سون سان ٺهيل آهن ۽ انهن تي هيرا لڳل آهن. اهي موبائل ڪهڙيون ڪمپنيون ٺاهن ٿيون ۽ انهن جي قيمت ڇا آهي؟

فالڪن سپر نووا آءِ فون سڪس پنڪ

هي دنيا جي سڀ کان مهانگي موبائيل فون آهي جنهن جي قيمت 4 ڪروڙ 85 لک ڊالر آهي. هي ايپل 2004 ۾  متعارف ڪرائي هئي ۽ هي مڪمل طور تي سون جي ٺهيل آهي ۽ هن جي پٺيان گلابي رنگ جو وڏو هيرو به لڳل آهي.

هي اينٽي انٽرورزن ٽيڪنالاجي جي فيچرز سان ليس آهي جنهن سبب هن جي مالڪ جي فون ۾ رکيل ڄاڻ تائين پهچڻ ناممڪن آهي.

هي موبائيل فون دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ماڻهن وٽ آهي جن جو واسطو ڀارت سان آهي ۽ انهن ۾ مڪيش امباني جي زال نيتا امباني به شامل آهي.

جيتوڻيڪ هي سڀ کان مهانگي فون آهي پر ان کانپوءِ ايندڙ ٻيون مهانگيون فونز به کوڙ خاصيتون رکن ٿيون، انهن بابت به ڏسون ٿا.

سٽوارٽ هيوز ايس ايليٽ

هي به ايپل جي هڪ فون آهي ۽ دنيا جي ٻيون نمبر مهانگي فون آهي،هن جي قيمت تقريبن هڪ ڪروڙ ڊالر آهي.

هن جي ڊيزائن برطانوي ڊيزائنر سٽوارٽ هيورز ٺاهي آهي جيڪو امير ڪٽنبن ۾ مقبول آهي. هي به سون سان ٺهيل فون آهي جڏهن ته هن ۾ 53 ننڍا هيرا به استعمال ڪيا ويا آهن ۽ هوم بٽڻ به سنگل ڪٽ اٺ ڏهائي 6 ڪيرٽ هيري جو ٺهيل آهي جڏهن ته هي فون خريد ڪندڙ کي ست ڪيرٽ جو هڪ هيرو به ڏنو ويندو آهي.

هن فون جو دٻو به وڏو هوندو آهي جيڪو دائنوسارز جي پالش ٿيل هڏين مان ٺاهيو ويو آهي.

ڊائمنڊ روز ايڊيشن

هي به آءِ فون آهي ۽ هن جي ڊيزائن به سٽيوارت هيوز ٺاهي هئي. هي به دنيا جي مهانگي فونز ۾ ڳڻي وڃي ٿي.

هي فون نجي سون سان ٺهيل آهي ۽ هن ۾ پنج سئو قيراط جا هيرا به لڳايا ويا آهن جڏهن ته ايپل جو لوگو به ننڍن ننڍن 53 هيران سان ٺاهيو ويو آهي. هن جو هوم بٽڻ به هيري جو آهي.

هن ورزن جا هيل تائين رڳو 2 فون تيار ڪيا ويا آهن جن جي قيمت 80 لک ڊالر آهي.

سپريم جي ايس ايس گولڊ سترائيڪر

هي مهانگي فون به ايپل ڪمپني جي ٺهيل آهي ۽ هن کي به سٽيواٽ هيوز ڊيزائن ڪيو. هن جي تياري ۾ 271 گرام ۽ 22 قيراط سون استعمال ڪيو ويو.

هن جي فريم ۾ 136 هيرا لڳل آهن ۽ پٺيان ايپل جو لوگو به هيرن سان ٺهيل آهي.سپريم جي ايس سٽرائيڪر جو اگهه 32 لک امريڪي دالر آهي ۽ هي گرينائيٽ سان ٺهيل دٻي ۾ ملندي آهي.

ڪنگز بٽن جي ٿري

هي به دنيا جي مهانگي ترين موبائيلن مان هڪ آهي ۽ ايپل ڪمپني جي ئي ٺهيل آهي، هي 2009 ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪئي وئي هئي، هن جي ڊيزائن آسٽريا جي ڊيزائنر پيٽر ايليسن ٺاهي، هن ۾ 18 قيراط سون استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن ۾ 138 هيرا به لڳل آهن.

هن فون جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته 6 ڏهائي ڪيرٽ جو سنگل ڪٽ آئوٽ هيرو آهي جنهن کي هوم بٽڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.

هن کي هيل تائين ٺاهيل مهانگي ترين موبائيل فون مان سڀ کان خوبصورت سمجهيو ويندو آهي ۽ هي قيمتي ۽ خوبصورت شيون رکندڙن ۾ مقبول آهي.

ڊائمنڊ ڪرپٽو سمارٽ فون

هي به دنيا جي قيمتي موبائل فونز جي لسٽ ۾ آهي، هن جي ڊيزائن 2006 ۾ الائيسن تيار ڪئي هئي جڏهن ته جي ايس سي انڪارٽ ڪمپني هي فون ٺاهي رهي آهي.

هن فون جو گهڻو ڪري حصو پلاٽيمن سان ٺهيل آهي جڏهن ته موبائيل تي ڪمپني جو لوگو ناهي ۽ هوم بتڻ سون جو ٺهيل آهي.

هن ۾ 50 هيرا به استعمال ڪيا ويا آهن جن ۾ 10 اهي نيرا هيرا به آهن جيڪي دنيا ۾ سڀ کان ڪامياب آهن جڏهن ته انهن مان ڪجهه ناياب ڪاٺ به استعمال ڪيو ويو آهي.

خوبصورتي کانسواءِ به هي فون سيڪيورٽي جي حوالي سان خاص فيچرز رکي ٿو ۽ مالڪ جي ڄاڻ کي مڪمل طور تي محفوظ رکي ٿو.

ڊائمنڊ ڪرپٽ سمارت فون جي قيمت 13 لک ڊالر آهي.

گريسو لڪسر لاس ويگاس جيڪ پاٽ

هي به لگزري موبائلز ۾ ڳڻي وڃي ٿي هن جو پهريون فون 2010 ۾ سامهون آيو هو ۽ اڄ تائين هن جا رڳو ڪجهه سيت ٺهيا اهن جيڪي دنيا ۾ دولت مند ماڻهن وٽ آهن، هن جي قيمت 10 لک ڊالر آهي. هن ۾ 180 گرام سون سان ڪارا هيرا به استعمال ڪيا ويا آهن جن مان هر هڪ 45 ڪيرٽ جو آهي.

هن جو پٺيون پينل هڪ قيمتي ڪاٺي سان ٺهيل آهي جڏهن ته هن جو هر بٽڻ 32 ڪيرٽ نيلم پٿر سان ٺهيل آهي.

گولڊ وش ريوولوشن

هي به مشهور ڪمپني گولڊ وش جو ٺاهيل سيٽ آهي. هن جا هيل تائين رڳو 32 سيت ٺاهيا ويا آهن ۽ هن جي قيمت تقريبن 5 لک ڊالر آهي.

هن ۾ به سون ۽ هيرا استعمال ڪيا ويا اهن ۽ هي نيلم سان ٺهيل دٻي ۾ ملي ٿو.

هن ۾ فريدرڪ جووينوٽ جي هڪ الڳ نه ٿيندڙ گهڙي به موجود آهي.

ورتو سگنيچر ڪوبرا

هي به مهانگي ترين فون آهي ۽ هڪ محسوس سيريز جو حصو آهي.

فون تي سون جو پاڻي چڙهيل آهي ۽ هن جي ڊيزائن ۾ هڪ ڪوبرا به ڏيکاريو ويو آهي.

هن فون ۾ 439 نيلم جا ٽڪرا ۽ 2 زمرد استعمال ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.