جاڻ اسان جي گهر ۾ استعمال ٿيندڙ عام مصالحو آهي، جاڻ کي ذائقي ۽ خوشبو جي ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي. ان سان گڏ ان جا صحت تي به تمام گهڻا فائدا پوندا آهن. جاڻ ميٽابولزم کي وڌائڻ ۽ آنڊن جي صحت بهتر ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندي آهي.
اينٽي فنگل ۽ اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون
جاڻ ۾ ٿامول نالي هڪ اهڙو خاص تيل موجود هوندو آهي جنهن ۾ اينٽي سيپٽڪ جون خاصيتون موجود هونديون آهن. هڪ سائنسي تحقيق ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته اهو تيل بيڪٽيريا ۽ فنگل جي واڌ ويجهه کي روڪيندو آهي.
بلڊ پريشر ۾ لاٿ
جاڻ ۾ موجود ٿامول هاءِ بلڊ پريشر تي ضابطو رکڻ ۽ بلڊ پريشر کي گهٽائڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي. هڪ ٻئي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته جاڻ جو استعمال دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ وڏو مددگار ٿئي ٿو.
سوڄ ۾ کوٽ
جاڻ جسم ۾ موجود سوڄ کي گهٽائڻ جي حوالي سان به تمام گهڻي فائديمند هوندي آهي، اها به سائنسي طور تي ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته جسم جي سوڄ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جاڻ جو خاصيتون تمام بهترين آهن.
سُٺي ڪوليسٽرول لاءِ
صحت جي هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته جاڻ ٽرائيگليڪرائيڊ جي سطح کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندي آهي ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي به سُٺي نموني منظم رکندي آهي ان لاءِ ضروري آهي ته جاڻ کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائي صحت جا ڪيترائي فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
وزن ۾ لاٿ
اهڙا ماڻهو جيڪي وزن گهٽائڻ جا خواهشمند هوندا آهن خاص طور تي اهي ماڻهو پيٽ جي چرٻي گهٽائڻ چاهيندا آهن، انهن جي لاءِ جاڻ جو ڪاڙهو يا پاڻي بهترين ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن جاڻ کي ماکي يا وري وڏفن جي پاڻي سان پيئجي ته وزن ۾ تيزي سان لاٿ آڻي سگهجي ٿي جڏهن ته ان جي ٻين فائدن کي ٻيڻ ٽيڻ تي گهٽائي سگهجي ٿو، اهو ميٽابولزم جي ڪارڪردگي کي به بهتر ڪندو آهي.
جيڪڏهن ڪير به روز استعمال ڪرڻ چاهي ته پنجويهه گرام جاڻ جي ٻجن کي سڄي رات پسائي رکجي انکانپوءِ استعمال ڪجن ته وزن ۾ وڏي لاٿ آڻي سگهجي ٿي.