ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊالر بحران ۽ امپورٽ مسئلن تي ضابطي لاءِ وفاقي حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي واپار واري وفاقي وزير نويد قمر چيو ته وفاقي ڪابينا ايران، افغانستان کانپوءِ وچ ايشيائي ۽ آفريقي ملڪن سان بارڊر واپار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته ايران ۽ افغانستان سان بينڪنگ چينل نه هجڻ سبب بارڊر ٽريڊ جاري آهي پر وچ ايشيائي ملڪن ۽ آفريقا ۾ پوٽيشنل هجڻ سبب ان خطي کي به بارڊر ٽريڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته بارڊر ٽريڊ سان اسان جي برآمد کي بوسٽ ملندو، وچ ايشيائي ملڪن ۽ آفريقا ۾ اسان ۾ وڏو واپار ان ڪري رڪيل آهي، ڇو ته بينڪنگ نظام جي ڏکيائين ۽ فلو آف فنانس آسان ناهي پر بارڊر ذريعي واپار وڌائي سگهجي ٿو.
وفاقي وزير چيو ته جن ملڪن ۾ اسان جو واپار سرپلس ۾ آهي، انهن کي بارڊر واپار ۾ شامل ناهي ڪيو، يورپي يونين، آمريڪا، برطانيا ۽ وچ اوڀر کي ان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
نويد قمر وڌيڪ چيو ته چين سان واپاري توازن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ان کي بارڊر جي اندر شامل ڪري سگهجي ٿو.