ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ وارداتن خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي پوليس کي 12 اپريل تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ وارداتن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ پراسيڪيوشن آفيس جواب لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي کي 12 اپريل تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، ڦورو ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ ماڻهن کي قتل به ڪري رهيا آهن، پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.