لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم هلندڙ سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو.
بابر اعظم ٻئي ايليمنيٽر ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان کي رنسن جي ڊوڙ ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو.
رضوان هن سيزن ۾ 11 ميچون کيڏي 516 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جڏهن ته بابر اعظم اڄ پنهنجي 37هين رنس ٺاهي رضوان کي پوئتي ڇڏيو.
لاهور ۽ پشاور ۾ کيڏي ويندڙ اڄوڪي ميچ بابر اعظم جي به هن ايڊيشن ۾ يارهين ميچ آهي.