اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو.
پوليو سان متاثر 3 ورهين جو ٻار بنون جي يونين ڪائونسل گهوڙا بڪا خيل جو رهواسي آهي.
اختيارين موجب پوليو سان متاثر ٻار ۽ ان جي خاندان جي ڪا ٽريول هسٽري ناهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ هن سال خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ سيوريج نمونن ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي چڪي آهي.