دنيا ۾ اهڙو ڪو ماڻهو ڳولجي ته مشڪل ملندو جيڪو نفسياتي مسئلن جو شڪار نه هجي، اڄڪلهه جي جديد دور ۾ جتي انسان جي لاءِ سهولتون وڌي ويون آهن ۽ زندگي تيز ٿي وئي آهي ساڳئي ئي جاءِ تي اهڙي مسئلن جو شڪار ماڻهو به تيزي سان وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نفسياتي ماهر سان ڪچهري ڪري ۽ وٽس ايندڙ ماڻهن جي مسئلن بابت احوال وٺي ته اهو دنگ رهجي ويندو ۽ سوچيندو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن!
هونئن ته نفسياتي ماهرن وٽ مختلف قسمن جا مريض ايندا آهن جن بابت توهان ٻڌندا ته حيران ٿي ويندئو پر انهن مان ڪجهه اسان ظاهر ڪيون ٿا جيڪي توهان کي خبر هجڻ گهرجي.
1. گهرواري کي مارڪُٽ ڪري خوش ٿيندڙ ماڻهو
2. گهرواري جي ڪاوڙ واري انداز کي پسند ڪندڙ ماڻهو
3. پنهنجي مٿي، سيني يا ٻانهن وغيره جا وار پٽڻ
4. خاص قسم جو لباس پائيندڙ ۽ ڇوڪرين ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ ماڻهو
5. گهرواري کي ڪنهن سان به کِلندي ڏسي پسند نه ڪرڻ وغيره
ان سميت اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي ٻڌائڻ جهڙا به ناهن پر ماڻهو جيڪڏهن انهن تي غور ڪري ته اهي نفسياتي مسئلا آهن، پر اڄ اسان پاڻ کان وڏي عمر جي ڇوڪرين سان شادين بابت ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.
نفسياتي ماهر جي هڪ تحقيق موجب ته مرد اها خواهش رکندو آهي ته اهو پاڻ کان وڏي عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪندو، حقيقت ۾ اهو ڪنهن ماءُ جهڙي پيار يا کوٽ کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن جو کيس پاڻ کي به خبر ناهي هوندي، کيس ڪنهن گهرواري جي نه پر ماءُ جي ضرورت هوندي آهي.
پر اهڙي شادي ڪامياب ناهي رهندي ڇو ته مرد ان ڇوڪري کي زال ئي سمجهندو آهي جڏهن ان مان اميد وري ماءُ جهڙي پيار جي ڪندو آهي، جيڪا ڳالهه وري اها ڇوڪري ناهي سمجهي سگهندي ۽ ائين ٻنهي جي وچ ۾ ويڇا وڌڻ شروع ٿيندا آهن هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته مرد کي به خبر ناهي هوندي ته آخر اهو چاهي ڇا ٿو؟
هتي اها به ڳالهه ڪندا هلون ته مٿي ڄاڻايل مسئلا رڳو ڇوڪرن يا مردن سان ناهن ٿيندا پر ڇوڪرين مطلب ته عورتن سان به ساڳيا ئي مسئلا ٿيندا آهن. تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت پاڻ کان ڏهه سال گهٽ عمر واري مرد سان شادي ڪري ٿي ته ان جو نتيجو طلاق ئي نڪرندو آهي.
نفسياتي ماهر جو چوڻ آهي ته شادي جي پهرين مدي دوران ٻنهي ڄڻن کي خبر هوندي آهي ته انهن جي وچ ۾ ڪيترائي اختلاف ۽ رنڊڪون آهن، پر اهي پنهنجي رشتي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن پر اهو گهڻ وقتائتو ناهي هوندو نيٺ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي سدائين جي لاءِ خدا حافظ چوڻ تائين وڃي پڄندا آهن.