جسم ۾ ٿيندڙ سوڄ جا پنج عام سبب!

جسماني سوڄ اڄڪلهه هڪ عام بيماري آهي، انفيڪشن مطلب ته سوڄ مدافعتي قوت طرفان ٻاهرين حملن جي خلاف رد عمل هوندو آهي.

کاڌي جي هڪ ماهر جسم تي سوڄ جي حوالي سان ڳالهائيندي پنج سبب ٻڌايا آهن جن بابت اڄ اسان هتي ذڪر ڪنداسين.

دٻاءُ: ذهني يا جسماني دٻاءَ جي ڪري سوڄ ٿي سگهي ٿي، ڪنهن به قسم جو دٻاءُ سوڄ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

گدلاڻ: بنيادي طور تي گدلاڻ ته هر هنڌ موجود هوندي آهي، پوءِ اها هوا هجي جنهن ۾ اسان ساهه کڻندا آهيون يا پاڻي هجي جيڪو اسان پيئندا آهيون، ان گدلاڻ جو سبب به اسان جي جسم ۾ سوڄ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ڌڪ لڳڻ: جسم ۾ سوڄ ٿيڻ جو هڪ ٻيو وڏو سبب اهو به هوندو آهي ته ڪو ڌڪ لڳو هجي يا زخم ٿيو هجي، ڪنهن به وقت ڪنهن به ماڻهو کي ڌڪ لڳي سگهي ٿو، انساني جسم ۾ سوڄ هڏا ٽٽڻ، ايڪسيڊنٽ ۾ زخمي ٿيڻ يا ڪٽجڻ وغيره سميت ڪيترن ئي سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿي.

انفيڪشن: جسم ۾ سوڄ جو هڪ اهو سبب انفيڪشن به آهي، انفيڪشن پيراسائيٽ، جراثيمن، وبا، بيڪٽيريل انفيڪشن ۽ فنگل انفيڪشن جي ذريعي ٿي سگهي ٿو، ان قسم جي ڪنهن به انفيڪشن جي ڪري سوڄ ٿيندي آهي.

موذي بيماريون:جيڪڏهن ڪو ٽائپ ٽو شگر، هاءِ بلڊ پريشر يا اٿرائيٽس جو شڪار آهي ته ان جو جسم پاڻمرادو طور سڄي ويندو آهي. انکانسواءِ به ڪيتريون ئي موذي بيماريون جسم ۾ سوڄ جو سبب بڻبيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.