ڪلهن جي سور مان گهريلو علاج ذريعي ڇوٽڪارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسم جي ڪنهن به جاءِ تي تڪليف هجي ته ڪو به ڪم انجام ڏيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي ۽ ڪلهن جو سور به سست ڪري ڇڏيندو آهي پر ڪجهه طريقا آهن جن جي ذريعي ڪلهن جي سور مان گهريلو علاج سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

پهريون طريقو اهو آهي ته متاثر جاءِ تي ڪولڊ ڪمپريس لڳائجي، ان سان سور گرمي پد ۽ سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

ان لاءِ ٽوال ۾ برف جا ڳڙا وجهي 10 کان 15 منٽ تکجن.

ٻيو طريقو آهي ايپسم لوڻ، هڪ ٿانو ۾ گرمي پاڻي ڪري ايپسم لوڻ وجهي مڪس ڪريو ۽ سور واري جاءِ تي لڳايو يا ٿوري دير ٻوڙي ڇڏيو، اهو عمل هفتي ۾ 3 ڀيرا ڪجي.

ٿڌي ڪمپريسس جيان گرم ڪمپريسس به ڪلهن جي سور، سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

ڪلهن جي سور لاءِ زيتون جو تيل سڀ کان اثرائتو آهي، زيتون جو تيل رڳو ڪجهه سيڪنڊن لاءِ گرم ڪريو ۽ ٿڌو ٿيڻ تي مساج ڪريو، 10 منٽ مساج ڪرڻ سان آرام ملندو.

اهو عمل روزانو 4 ڀيرا ورجائي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.