هڪ نفسياتي ماهر تحقيق کانپوءِ نتيجو ڪڍيو آهي ته پريشاني سدائين بُري ناهي هوندي جيئن ماڻهو سمجهندا آهن پر ان جا فائدا به آهن، جيڪي گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ۽ انسان پنهنجي عام زندگي ۾ ان مان فائدو کڻي سگهي ٿو.
آمريڪن هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊيوڊ روز مارين جو هڪ مضمون ”بي سائيڪلولاجي ٽوڊي“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪنهن شخص کي متاثر ڪندڙ پريشاني ان جي جذباتي لاڳاپن کي مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ ۽ محبت جي رشتي کي بحال ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
سندس موجب انسان بي چيني جو علاج ڳولڻ جي طبي ڪوششن، جديد يا روايتي علاج يا ورزش ڪري به دٻاءَ کان مڪمل طور بچي نٿو سگهي، ڇو ته اهو عالمگير انساني تجربي جو حصو آهي.
پروفيسر ڊيوڊ روز مارين چيو ته پريشاني کي حقيقت تسليم ڪرڻ سان حل واضح ٿي ويندو آهي، ڇو ته بي چيني هڪ لعنت ناهي پر هڪ طاقت آهي، پريشاني کي منهن ڏيڻ سان جذباتي رجحانن ۽ حالتن سان هم آهنگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي، جنهن سان پنهنجي پيارن سان لاڳاپا وڌي سگهن ٿا.
هن چيو ته ٻين ماڻهن جي جذبن کي سمجهڻ ۽ انهن جو مقابلو ڪرڻ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري مهارتون آهن، اهي ماڻهو، جن جي مصيبت يا صدمي جي تاريخ آهي، اهي عام طور تي ٻين لاءِ وڌيڪ همدردي محسوس ڪندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي، جڏهن اسان پنهنجي لاءِ وڌيڪ ڳڻتي ۾ هوندا آهيون ته ان ڳالهه جو احساس ٿيندو آهي ته ٻين کي ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي.
نفسياتي ماهر چيو ته اسان پنهنجي پريشاني کي ٻين ماڻهن جي احساسن کي بهتر طريقي سان سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيون ته اهو عمل دٻاءَ کي سنڀالڻ ۽ ان تي ايڪٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته توهان پاڻ مان نڪري ٻين جي ضرورتن کي ڏسو، پوءِ ان جو جواب ڏئي پنهنجي پريشاني کي گهٽ ڪري سگهو ٿا، ڏک ٻين لاءِ همدردي کي هٿي ڏيندو آهي، ڇو ته سڀ کان وڌيڪ همدرد اهي هوندا آهن، جيڪي ڏکيائين مان گذرندا آهن، ڊپريشن يا دماغي صحت جا ٻيا چئلينج ٻين جي احساسن کان باخبر رهڻ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.