سمومن کي سڀئي شوق سان کائيندا آهن پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته سموسا کپائيندڙ روز لکين رپيا ڪمائي سگهن ٿا؟
ڀارتي ميڊيا موجب بينگلور شهر سان واسطو رکندڙ جوڙي سموسا کپائي ڪروڙين رپيا ڪمائي ڪري مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي.
نڌي سنگهه ۽ شيکر وير سنگهه پنهنجو سموسن جو ڪاروبار هڪ ننڍڙي دڪان سان 2016 ۾ شروع ڪيو، ٻنهي ان بزنس لاءِ پنهنجون نوڪريون ڇڏيون، جتي کين لکن ۾ پگهار ڏني ويندي هئي.
ٻنهي پنهنجي برانڊ جو نالو ”سموسا سنگهه“ رکيو ۽ جوڙي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته صفائي سٿرائي سان سموسا کپايا وڃن، گڏوگڏ هنن قيمي ۽ سبزين کانسواءِ ٻيا سموسا به متعارف ڪرايا.
انهن سموسن ۾ چاڪليٽ سموسا، پنير سموسا، باربي ڪيو سموسا ۽ ڪيترائي سموسا شامل هئا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سموسا سنگهه هر مهيني 30 هزار سموسا وڪرو ڪري ٿو ۽ اهو جوڙو ساليانو 45 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمائي ٿو، جيڪي تقريبن روز 12 لک ٺهن ٿا.