ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي نئين قيمت ٻه لک ٻه هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 771 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 73 هزار 525 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 20 ڊالر وڌڻ کانپوءِ 1924 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.