ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ واڌ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2300 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو ٻه لک هڪ هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 1972 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 72 هزار 754 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 32 ڊالر واڌ سان 1866 ڊالر في اونس آهي.