بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ عالمي چيمپيئن انگلينڊ کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ عالمي چيمپيئن انگلينڊ کي16 شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو.

شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ميرپور ڍاڪا ۾ انگلش ڪپتان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

بنگلاديش پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون، وڪيٽ ڪيپر بيٽر ليٽن داس 73 ۽ ناظم الحسن شانتو 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا جڏهن ته روني 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

انگينڊ طرفان ڪرِس جارڊن ۽ عادل رشيد هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش جي 159 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي انگلينڊ ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهه وڪيٽون وڃائي 142 رنسون ٺاهي سگهي ۽ اهڙي ريت 16 رنسن تان ميچ هارائي وئي.

ڊيوڊ ملان 53 ۽ ڪپتان جوز بٽلر 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪرِس ووڪس تيرنهن ۽ بين ڊڪيٽ 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

بئنگالي ٽائيگرز طرفان تسڪين احمد ٻه، تنوير السلام، شڪيب الحسن ۽ مستفيض الرحمان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ليٽن داس مين آف دي ميچ جڏهن ته ناظم الحسن شانتو کي پلئير آف دي سيريز قرار ڏنو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.