لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير سينيٽر شوڪت ترين اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل ڪالم تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
شوڪت ترين جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا سان ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل ڪالم تي ردعمل ڏيندي چيو ته کيس يقين نٿو اچي ته جنرل باجوا اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته 31 مارچ 2022ع تي مون ريڪوڊڪ ڊيل کي فائنل ڪئي ته جنرل صاحب مون کي هيرو قرار ڏنو هو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪالم نگار موجب اڳوڻي آرمي چيف دعويٰ ڪئي ته فيض حميد نيب ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، اڳوڻي آرمي چيف جو اِهو تاثر حقيقت جي خلاف ۽ کِل جوڳو آهي.