مشرف بابت عدالتي فيصلي تي عمل اڻٽر آهي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف بابت عدالتي فيصلي تي  عمل ٿيڻ گهرجي، جنرلن کي عدالت جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي، کين ڄاڻڻ گهرجي ته پرويز مشرف آئين ٽوڙيو. اهڙيون ڳالهيون هن ڪراچي پريس ڪلب جي ابراهيم جيلس هال ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر کي چونڊن ۾ صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪيون. هن چيو ته ڪراچي جا مسئلا جماعت اسلامي ئي حل ٿي سگهي ٿي، ڪراچي شهر جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ان لاءِ جيڪڏهن جماعت اسلامي کي هن شهر ۾ خدمت جو موقعو ڏنو وڃي ته نعمت الله خان جي دور جي واپسي ممڪن ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ پئٽرول جي قيمت گهٽجي رهي آهي، پر هتي وڌي رهي آهي.  هن چيو ته آءِ ايم ايف جو ڌيان رڳو ٽيڪس وڌائڻ تي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ وزارتن، غير ترقياتي ڪمن ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي،  ٻي صورت ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو عذاب بار بار پوندو عام ماڻهو تي پوندو. محمد حسين محنتي چيو ته پي ٽي آءِ ڪا منظم سياسي جماعت ناهي ۽ هن پنهنجي حڪومت دوران ڪا بهتر ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري، جنهن جو اڳواڻ به عجيب آهي، هو اسيمبلي ۾ به نه ٿو اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.