اسلام آباد (م ڊ) عمران خان جي حڪومتي دور ۾ نيب ترميمن مان فائدو کڻندڙ پارليامينٽ ميمبرن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ اهي تفصيل نيب طرفان جمع ڪرايا ويا آهن. رپورٽ موجب عمران خان جي دور ۾ اڳوڻا وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ شوڪت عزيز نيب ترميمن مان فائدو کڻندڙ ۾ شامل آهن. رپورٽ ۾ سيف الله بنگش، لياقت جتوئي، جاويد اشرف قاضي ۽ ڪي پي جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب عباسي جو نالو به موجود آهي. رپورٽ موجب ٻن ترميمي آرڊيننس ذريعي ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن کي به فائدو پهتو. واضح رهي ته اها فهرست نيب ترميمن جي ڪيس ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران تفصيل طلب ڪيا هئا.