مشرف کي اعزاز بدران ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ها

حيدرآباد (پ  ر) عوامي تحريڪ چيو آهي ته آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اڏائيندڙ آمر مشرف کي اعزاز ڏيڻ بدران عدالت جي حڪم موجب ڊي  چوڪ تي ڦاسي ڏئي لٽڪايو وڃي ها، آئين ۽ قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪرڻ سبب ملڪ معاشي توڙي سياسي بحران جي ور چڙهيل آهي.جاري ڪيل بيان ۾ عوامي تحريڪ جي صدر لال جروار، سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته آمر مشرف ملڪ جو آئين ٽوڙي بدترين مارشل لا مڙهي بنيادي انساني حق، عدليا ۽ صحافت جي آزادي تي راتاهو هڻي ٿو ته ان لاءِ ڪا به سزا ناهي پر غريب ماڻهو ٻڪري چوري ڪرڻ جي ڪوڙن ڪيسن ۾ سالن جا سال جيلن ۾ واڙيا وڃن ٿا. هنن چيو ته اشرافيه طبقي ملڪ کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. تنهن هوندي به هنن کان ڪو به ادارو پڇا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. آئين جي رٽ بدران ڏنڊي جي حڪمراني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.