ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عامر لياقت جي نازيبا وڊيو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ٿي ويا. عدالت ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.وڪيل لياقت گبول جو چوڻ هو ته جن نمبرن تان وڊيو وائرل ٿيا، اهي دانيا شاهه جا ناهن.وڪيل لياقت گبول چيو ته مقصود ڪيمرا مين جو نالو چالان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو،هن جو چوڻ هو ته هي اهي شيون آهن، جن جي بنياد تي دانيا کي جيل موڪليو ويو، هي ڪيس ڪمزور آهي، ان ڪري دانيا شاهه کي ضمانت ڏني وڃي