اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي: صدر علوي

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي  ڇڏيو. صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ ايڪٽ 2017 موجب صوبائي اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ جو بنا دير اعلان ڪري، آئين جو آرٽيڪل 224 اسيمبليون ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ تي زور ڏئي ٿو. هن چيو ته آئين موجب چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو بنيادي ۽ لازمي فرض آهي، فرضن جي ادائيگي ۾ ناڪامي تي اليڪشن ڪميشن کي ئي ائين جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويندو، آئين ۽ چونڊ ايڪٽ جي سنگين ڀڃڪڙي کان بچيو وڃي، ٻنهي ٽوڙيل اسيمبلين ۾ بنا دير چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.