ڪراچي (رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ملڪ لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي سهڪار سان سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جا فنڊ جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آءِ ايم ايف پاڻي ۽ مهانگائيءَ ۾ ٻڏل عوام جي مدد ڪري ۽ انهن جو خيال ڪري، ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ ٽارگيٽڊ رليف چاهيون ٿا، اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ نرمي هوندي. سندس موجب ماڻهن جنيوا ڪانفرنس بابت چيو ته اسان هٿين خالي آياسين پر پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي نتيجي ۾ اسان جيڪو به معاهدو ڪيو، ان کان وڌيڪ مليو. هن چيو ته اسان کي گهرن جي اڏاوت لاءِ 1.5 بلين ڊالرن جي ضرورت آهي، جنهن مان عالمي بئنڪ 500 ملين ڊالر ڏنا آهن ۽ سنڌ حڪومت 250 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم به 250 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان رڳو گهر ٺاهي نه ڏينداسين پر متاثرن کي مالڪاڻا حق به ڏئي رهيا آهيون، وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، متاثرن کي گهرن جي تعمير ۾ مالي سهڪار سان گڏ کين زمين جا مالڪاڻا حق به ڏنا ويندا. ٻوڏ سبب آيل تباهي تي ڳالهائيندي هن چيو ته هر 7 شهرين مان هڪ شهري ٻوڏ جي تباهي جو نشانو بڻيو، 50 لک ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل ٻوڏ ۾ لڙهي ويا، ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي زراعت آهي، جنهن کي هاڻوڪي قدرتي آفت بري طريقي سان متاثر ڪيو، ٻوڏ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جي هارين ۽ آبادگارن کي ۽ انهن جي معاشي ذريعي کي برباد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ٻوڏ سٽيل علائقن جون زميني حقيقتون سامهون آهن ته ڪرونا وائرس دوران آءِ ايم ايف پروگرام هو، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي صحت جي شعبن ۾ خرچن جي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان گڏ موجوده ڳالهيون به رليف ۽ نئين سر تعمير جي خرچن وارين شرطن ۾ ڇوٽ ڏني ويندي. هن زور ڏنو ته جن علائقن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي اتي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وڃي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ ٽارگيٽيڊ رليف هجي، هي رليف زراعت، توانائي ۽ خوراڪ جي لاءِ هجڻ گهرجي، اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ نرمي هوندي، پيش ايندڙ چئلينجز ۽ مسئلن جو حل لاءِ اسان وٽ منصوبا موجود آهن، ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه، ڊونر ادارن جا نمائندا ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. هوڏانهن يو اين ڊي پي جي نمائندي نٽ آسٽبي ڪراچي ۾ سنڌ رزيلينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ دوران تقريبن 20 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي نٽ آسٽبي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيتري آبادي متاثر ٿي آهي اها منهنجي ملڪ ناروي جي آباديءَ جي برابر آهي، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ عالمي ادارو سهڪار جاري رکندو.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪانفرنس جو مقصد جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ ڪيل اعلانن کي عملي شڪل ڏيڻ آهي، چيئرمين پي اين ڊي حسن نقوي، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين طرفان به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ويو.03