ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر جي اوطاق تي ڇاپو، گرفتاري پيش

ملتان( م ڊ) ملتان ۾ پوليس اليڪشن ڪميشن ۾ هنگامو ڪرڻ جي الزام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عامر ڊوگر جي ديري تي ڇاپو هنيو ۽ 10 ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ملتان ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ دوران مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ميدانِ جنگ بڻيل رهي .پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر جي ديري تي چڙهائي ڪري 10 ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. سٽي پوليس آفيسر رانا منصور موجب ڇاپي دوران پي ٽي آءِ جي 10 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن تي اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ هنگامو ڪرڻ جا الزام آهنپي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر پوليس آفيسرز کي چيو ته جيڪڏهن ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ته مان به توهان سان گڏ هلندس. ٻئي طرف پوليس ملڪ عامر ڊوگر جي گرفتاري کي رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ عامر ڊوگر کي گرفتار ناهي ڪيو، عامر ڊوگر پاڻ ڪارڪنن سان گڏ گرفتاري پيش ڪرڻ آيو آهي.واضح رهي ته ملڪ عامر ڊوگر قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جو چيف ويپ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو اڳوڻو خاص مددگار پڻ هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.