انقرا ( ويب ڊيسڪ ) ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي. ترڪ فوٽو گرافر پنهنجي فن ذريعي هڪ ئي دنيا جا ٻه مختلف رخ ڏيکاريا آهن، وڊيو کي ڏسڻ وارا گهري سوچ ۾ ٻڏي وڃن ٿا.
ترڪيا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ قيامت جهڙي زلزلي بعد ان سان ملندڙ جلندڙ وڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ۾ آهن.
اها وڊيو ته زويا نالي واهپيدار شيئر ڪئي هئي ۽ دعا جي اپيل ڪئي هئي. ان کانسواءِ ڪجهه تصويرون پڻ گردش ۾ آهن جن ۾ دنيا جي ڏکن ۽ سکن ٻنهي کي ڏيکاريو ويو آهي.
ترڪي ۽ شام ۾ آيل خوفناڪ زلزلي سان فوتين جو انگ 11 هزارن تائين پهچي ويو آهي ۽ زلزلي کانپوءِ متاثر علائقن ۾ هيانءُ ڏاريندڙ منظرن جون تصويرون سامهون اچي رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪي ۾ زلزلي جي مرڪز ڀرسان ڪهرامنماراس شهر جي هڪ تصوير سامهون آئي آهي، جنهن ماڻهن جون دليون ڏاري وڌيون آهن.
سامهون ايندڙ تصوير ۾ هڪ پيءَ طرفان پنهنجي 15 ورهين جي ڌيءَ جو هٿ پڪتل نظر اچي رهيو آهي، ڇوڪري هڪ هيڊ تي مُئل حالت ۾ پئي آهي ۽ بيڊ جو وڏو حصو ملبي ۾ دٻيل آهي.